بيدادي نگري

بيداد نگري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب اصل اردوءَ ۾ لکيل آهي، جيڪو محمد صديق ٽالپرخالد“ ترجمو ڪري ڇپايو، جنهن ۾ ظلم استبداد جي تاريخ بيان ڪيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 131 صفحا آهن. قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. جيڪو نئين دنيا ڪتاب گهر، ڀارت پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1927ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو